جن لوهي

جن لوهي/ جن ميري واهي: کيرٿر جي اولهه طرف جبل جي پيرن ۾ 25 فٽ اوچي ۽ اتر ڏکڻ رخ ۾ بيٺل بٺيءَ تي ڪافي ٺڪراٺو پکڙيل آهي، ان کي ’ميري‘ چون ٿا. هيءُ ماڳ ’ڳوٺ واڻ بارڻ‘ وٽان اوڀر ڏانهن وڃبو ته ڪجهه فاصلي تي کيرٿر جي پاڙ وٽ چشمو آهي، جيڪو ڏاڍو لڪل آهي ۽ ان ۾ هينئر پاڻي بيٺل آهي. چشمي جي مٿان ۽ اڳيان هڪ مخروطي ٽڪري آهي، جنهن تي قديم زماني جي جاين جي رهت ۽ ٺڪراٺو نظر اچي ٿو. هيءَ ٽڪري چشمي جي ڪپ تي اهڙيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڄڻ ته پاڻيءَ جي پرگهور لاءِ ڪا چيڪ پوسٽ يا واچ ٽاور ٺهيل هجي. چشمي جا ڀڳل ۽ ڪُڍنگا ڪپر ۽ ان جي ڳجهي بيهڪ جي ڪري شايد هن چشمي کي ”جنن وارو چشمو“ ڪري ڪوٺين ٿا. هتي مال جا ڌڻ ۽ ڌنار اڪثر موجود هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ ماڳ تاريخ جي دور کان اڳ جو هجي. ٽڪريءَ جي کوٽائيءَ مان وڌيڪ ڄاڻ به ملي سگهي ٿي. اهو به ممڪن آهي ته هن جي آسپاس ۾ ڪي ٻيا به آثار هجن. هن کي ”جن واهي“ ان ڪري چون ٿا جو مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن واهيءَ ۾ جن هوندا هئا. هن واهيءَ جو پاڻي وهندڙ ۽ مٺو آهي، ان جي ڪنڌيءَ سان جهنگلي گل ٻوٽا ججهي تعداد ۾ ٿين ٿا. هن بٺيءَ تي تاريخ کان آڳاٽو ٺڪراٺو پکڙيو پيو آهي. هتي پٿري بلاڪن سان اڏاوتن جا نشان به ملن ٿا، پر ڳوٺ ولي داد گبول جا ماڻهو اهي بلاڪ هتان کڻي ويا آهن ۽ وڃي نوان گهر اڏيا اٿن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو